چندن ڳاڙهو

چندن ڳاڙهو

چندن ڳاڙهو

چندن ڳاڙهو (Red Sandal Wood): Papiliooacca آڪهه سان تعلق رکندڙ هن وڻ کي لاطيني ٻوليءَ ۾ (Pterocerpus Santatinus Limm)، عربيءَ ۾ صندل احمر، فارسيءَ ۾ صندل سرخ، صندي لال، رگت چندن، گجراتيءَ ۾ رتانجلي، سنسڪرت ۾ اگروگنت چيو وڃي ٿو. هي هڪ ننڍو وڻ آهي، جيڪو ساڍا ست ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هن جي ڪاٺي ڳاڙهي رنگ جي هوندي آهي. هن جا پن بيضوي ٿين، اڳيان گول ڏانڊي تي ٽي ٽي پن هوندا آهن. گل جي ڏانڊي ڊگهي ٿئي، چئني طرفن هيڊاڻ مائل سفيد گل لڳندا آهن. ڦرهيون 3.9 سينٽر ميٽر ٿينديون آهن. ڦرهين اندر ڳاڙهي رنگ جو ٻج ٿئي ٿو. گرميءَ جي موسم ۾ گل ٿين ٿا. هي هندستان ۾ جهنگلي به ٿئي ۽ پوکيو به وڃي ٿو. هي بخار لاءِ مفيد آهي. مٿي جي سور کي ليپ ڪيو وڃي ٿو، حڪيمن موجب اکين جي سوڄ تي ليپ ڪرڻ سان گهٽائي ٿو ۽ دل جي ڪمزوري، رت جي گرمي، هٿن ۽ پيرن جي سڙڻ لاءِ مفيد آهي. هن جو ڪاڙهو پراڻي پيچش لاءِ پڻ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو